شيرازي محمد رضا پروفيسر

شيرازي، محمد رضا، پروفيسر: ايران مان آيل تعليمي ماهر ۽ اديب پروفيسر محمد رضا شيرازيءَ جو جنم 1888ع ڌاري ايران جي شهر شيراز ۾ ٿيو. هو اڃا ٻارهن سالن جو مس هو ته سندس والد مرزا عباس، شيراز مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو، جتي هن غاليچن جو ڪاروبار شروع ڪيو. کاري در کانسواءِ صدر ۾ ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ هن جي غاليچن/قالينن جو دُڪان هوندو هو. ڪراچيءَ اچڻ کانپوءِ مرزا عباس پنهنجي پٽ محمد رضا کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ 1902ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪيو. 1907ع ۾ محمد رضا سنڌ مدرسي مان ميٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ بمبئي هليو ويو، جتي هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي جو امتحان پاس ڪيو. بمبئي ۾ بي.اي جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ محمد رضا شيرازيءَ جو ذهن ‘بــهائي تحريڪ’ ڏانهن مائل ٿيو ۽ هو بهائي تحريڪ ۾ سرگرم ٿي ويو ۽ 1912ع کانپوءِ باقاعدي بـهائي مذهب لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. 1914ع ۾ هن هندستان ۾ ايڇ. ايڇ عبدالبهاء سان ملاقات ڪئي. 1922ع ۾ هو صيفا (ان وقت فلسطين) مذهبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ ويو، جتي هن جي ملاقات شوقي آفنديءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت امر بــهائي جو جانشين هو. شوقي آفندي 1921ع کان 1957ع تائين امر بــهائي جو جانشين رهيو. شوقي آفنديءَ سان ملاقات کانپوءِ محمد رضا شيرازي يورپ ۽ آمريڪا جو دورو ڪيو، جنهن کانپوءِ هو ڪراچي هليو آيو، جتي هيءُ ڊي.جي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. هيءُ ڪاليج ۾ پارسيءَ جو مشهور استاد هو. پروفيسر محمد رضا شيرازي شاگردن ۽ استادن ۾ هڪ جيترو مقبول هو. هتي هن ادبي سرڪل به قائم ڪيو، هيءُ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني فرقن جو هر دلعزيز اڳواڻ هو. هي بنا ڪنهن متڀيد جي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سڀني تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. مذهبي اسڪالر طور هو هر مذهب جي ماڻهن جي عزت ڪندو هو. ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ بـهائيت/ امر بــهائيءَ کي مضبوط ڪرڻ ۾ پروفيسر محمد رضا شيرازيءَ جو وڏو هٿ هو. گرومندر واري مرڪز کي ٺاهڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ ۾ پڻ هن جون وڏيون ڪوششون شامل هيون. ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل بهائي اسپريچوئل (روحاني) اسيمبليءَ جو هي صدر مقرر ٿيو. هن جي ڪوشش سان ڪراچيءَ ۾ 1922ع ۾ بهائي ڪنوينشن منعقد ٿيو، جنهن ۾ بهائيت کانسواءِ ٻين مذهبن ۽ فرقن جي ماڻهن به شرڪت ڪئي. پروفيسر محمد رضا شيرازي تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ مذهبي اسڪالر ۽ اديب به هو. هن ڪيترائي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ڪاليجن جي ڪورس ۾ به شامل هئا. هن جو هڪ ڪتاب ‘21 Days in Akas Light’ مشهور آهي. پروفيسر محمد رضا شيرازي 37 سالن جي عمر ۾ 10 اپريل 1925ع تي حيدرآباد ڦليلي واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿيو. ڊي.جي ڪاليج ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور شيرازي ادبي ميموريل سوسائٽي قائم ڪئي وئي هئي، جنهن تحت هر سال ڪاليج ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ ڪاليج ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي شيرازي پرائيز ڏنو ويندو هو. انهيءَ سوسائٽي هيٺ سنڌي، اردو ۽ فارسي مشاعرو به منعقد ڪيو ويندو هو. انهيءَ سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان غريب شاگردن جي مالي مدد پڻ ڪئي ويندي هئي. اڄ به ڪراچيءَ جي ڪجهه علائقن ۾ کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو